Sachal Sarmast

Sachal Sarmast

Sachal Sarmast

Sachal Sarmast (ڪتاب): سچل سرمست جي شخصيت، زندگيءَ، فن ۽ فڪر تي مختلف عالمن جي مقالن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺين عالمن جا هيٺين عنوانن هيٺ مقالا ڏنا ويا آهن:
1. Attar of Sindh: Dr.. Annemarie Schimmel
2. A Theme of Sachal, Dr. C. Chackle
3. Sachal: Jethmal Parsram Gulrajani
4. A Vioce from the Desert, T. L. Vaswani
5. Divine Dwellers in the Desert, Gurdayal Malik
6. Sachal: Poet of Revolt, Prof. L. H. Ajwani,
7. Sufisim, Sachal and the World around Him, Amar Jalil
8. Mystism, Sindh and Sachal: Tanveer Abbasi
ڪتاب جو پيش لفظ (Forward) اڳوڻي وائيس چانسلر رشيد اي. شاهه ۽ ايڊيٽر جو نوٽ (Editors’ Note) تنوير عباسيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي 98 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 1989ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ Sachal Sarmastھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو